عبدالله ’اثر‘ چانڊيو

عبدالله ’اثر‘ چانڊيو

چانڊيو عبدالله ’اثر‘

چانڊيو، عبدالله ’اثر‘: سنڌ جو ناليوارو، شاعر، تعليمدان، تصوف ۽ تفسير جو ڄاڻو عبدالله ’اثر‘ ولد الهڏنو چانڊيو، 14 جولاءِ 1930ع ڌاري لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي ۾ ڄائو. هن 1936ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪئي. ان کان پوءِ ٽريننگ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪري اي. ڊي. آءِ. ايس (سپروائيزر) مقرر ٿيو، هن نوڪريءَ دوران پنهنجي تعليم پڻ جاري رکي. ايم. اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيائين. لاڙڪاڻي جي علمي ادبي ادارن جو ميمبر، سرگرم ڪارڪن ۽ سرپرست رهيو، بزم سچل لاڙڪاڻي جو صدر رهيو. نصاب ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. پختو شاعر هو. مسدس، مثنويون، مرثيا، قطعا، رباعيون، سه حرفيون ۽ نعتون لکيائين. سخن گوئيءَ ۾ ’اُثر‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس نعتيه ديوان ’ذڪر حبيب‘ گهڻو مشهور ٿيو، هن: ’قصيده بانت سعاد‘، ’قصيده غوثيه‘ ۽ ’قصيده برده‘ جا منظوم ترجما به ڪيا. عبدالله ’اثر‘ 26 ڊسمبر 1976ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.07.14  عيسوي

شاعر، تعليمدان، تصوف ۽ تفسير جو ڄاڻو عبدالله ’اثر‘ ولد الهڏنو چانڊيو، 14 جولاءِ 1930ع ڌاري لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي ۾ ڄائو.


1976.12.26  عيسوي

عبدالله ’اثر‘ 26 ڊسمبر 1976ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تمر فقير
بدر شاهه
سيد فاضل شاهه فاضل
راڄڙ سرفراز
استاد بخاري
اسحاق سميجو ڊاڪٽر
محمد ابراهيم خليل ٺٽوي
آزاد محمد رمضان
بلبل رئيس شمس الدين
مير رضي الدين فدائي سبزواري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون